پير مانڪي شريف

پير مانڪي شريف: خيبر پختونخوا صوبي جي مشهور ديني عالم، پير مانڪي شريف 1923ع ۾ نوشهره ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو پير سيد امين الحسنات هو. يارهن سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. پاڪستان تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هن 1945ع ۾ مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ سرحدي صوبي ۾ ڪانگريسي اڳواڻن جو مخالف رهيو. پير صاحب جي دعوت تي قائداعظم محمد علي جناح صوبي جو دؤرو ڪيو ۽ ڪيترا ڏينهن سندس گهر ۾ مهمان ٿي رهيو.
پير صاحب اپريل 1946ع ۾ آل انڊيا سني ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. مولانا محمد نعيم الدين مراد آبادي جڏهن لاهور آيو ته هن مولانا کي پاڪستان جي دستور جو خاڪو مرتب ڪرڻ لاءِ چيو ته جيئن پاڪستان جو دستور اسلامي طرز جو ٿي سگهي. مولانا نعيم الدين مراد آبادي ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي وفات کان پوءِ سندس اهو خواب پورو ٿي نه سگهيو. 1952ع ڌاري چين ۾ منعقد ٿيل امن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين. 1955ع ۾ سياست جي بدعنوان اڳواڻن جي روش سبب سياست کان علحدگي اختيار ڪيائين. 5 جنوري 1960ع تي مانڪي شريف کان اٽڪ (ڪيمبلپور) ايندي هڪ ڪار حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد وفات ڪيائين.


لفظ پير مانڪي شريفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.00.00  عيسوي

پيرمانڪي شريف 1923ع ۾ نوشهره ۾ جنم ورتو


1960.01.05  عيسوي

پير مانڪي شريف 5 جنوري 1960ع تي ڪار حادثي ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چيٽرجي سنيتي ڪمار
سيٺ ڌريانو مل
عبدالمالڪ خشڪ
جمن شاهه شهيد
ريجھه علي شاهه ثالث
الياس ٿري
ڀرت ڪمار ڍنگرا
ديو سڀاڻي
ٽيڊئيس رڪشٽائن
تسنيم يعقوب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون